پاڪستاني ڪرڪيٽرن لاءِ چڱائي چڱي ناهي: عماد وسيم

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پاڪستاني آل رائونڊر عماد وسيم ٽيم مئنيجمينٽ ۽ ساٿي رانديگرن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ اڃا به پراڻي طرز تي کيڏي رهي آهي، جڏهن ته دنيا جديد ڪرڪيٽ جي طرف وڌي رهي آهي.
عماد وسيم گذريل سال ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ وٺي چڪو آهي.
هن پنهنجي تازي بيان ۾ انڪشاف ڪيو ته جڏهن هن ٽيم ميٽنگز ۾ ماڊرن ڪرڪيٽ جي اهميت بابت ڳالهه ڪئي ته ساٿي رانديگر ۽ مئنيجمينٽ مٿس کلڻ لڳي.
هن چيو” مان ڪيترن ئي سالن کان چئي رهيو آهيان ته پاڪستان کي پنهنجي کيڏڻ جو انداز بدلائڻو پوندو، پر ماڻهو مون تي کلندا هئا.“
هن چيو ته ” ٽيم ميٽنگز ۾ به جڏهن نشاندهي ڪئي ته دنيا جديد انداز ۾ کيڏي رهي آهي ته اسان اڃا به پراڻي طرز تي کيڏي رهيا آهيون.“
عماد خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ٽيم پنهنجو راند بدلائڻ ۾ ناڪام رهي ته شوقينن جي دلچسپي ختم ٿي ويندي.
هن چيو”اسان کي ڪرڪيٽ ائين کيڏڻ گهرجي جيئن ان جو اصل حق آهي، مون جڏهن پاڪستان کي چيمپيئنز ٽرافي ۾ کيڏندي ڏٺو ته مون کي لڳو ته مان هي ڏسڻ نه ٿو چاهيان، منهنجي دلچسپي ختم ٿي رهي هئي. “
هن وڌيڪ چيو ته انگلينڊ، آسٽريليا ۽ ٻين ٽيمز جي ڪرڪيٽ ڏسو، پر اسان وٽ اڃا به اها سوچ آهي ته بس 250 رنسون ڪري ڇڏيون گهڻو ٿي ويو، اسان دنيا کان تمام گهڻو پوئتي آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.