وزيراعظم اڄ ڪوئٽا ويندو، دهشت گردن کي منهن ڏيڻ بابت اهم فيصلا متوقع

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئٽا پهچندو، جتي هو امن و امان جي صورتحال تي اجلاس جي صدارت ڪندو، جنهن ۾ کيس جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن جي حملي تي بريفنگ ڏني ويندي، اجلاس ۾ دهشت گردن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان اهم فيصلا پڻ ڪيا ويندا.

  1. سرڪار پاران معلومات ڏيڻ کان لنوائڻ سبب پروپيگنڊا وڌي

ڪوئيٽا(بي بي سي)سيڪيورٽي فورسز سان منسوب ٽي وي اسڪرينن تي هلندڙ معلومات سمورن ٽي وي چئنلن ۽ نيوز ويب سائٽستي هڪ ئي جهڙيون نظر آيون،ائين ناهي ته جعفر ايڪسپريس جي هاءِ جيڪنگ واقعي تي حڪومتي شخصيتون خاموش آهن پر انهن پاران سامهون ايندڙ مذمتي بيان يا عسڪريت پسندن خلاف ڪارروائي جا واعدا ڪنهن به مستند معلومات کان عاري آهن ٻئي پاسي بي ايل اي پاران صحافين کي مسلسل دعوائن سان ڀرپور بيان موڪليا پيا وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي به معلومات شيئر ڪئي پئي وڃي،ان ۾ سوال اٿي ٿو ته بلوچستان ۾ ايترو وڏو واقعو ٿيڻ کانپوءِ به پاڪستاني حڪومتي شخصيتون ۽ سرڪاري اختيارين ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي مستند معلومات ڏيڻ کان لنوائيندي ڇو نظر اچن ٿيون؟سينئر تجزئي نگار فهد حسين ٻڌايو ته مون کي ته حڪومت جي خاموشي جو ڪو تُڪ نظر نٿو اچي،معلومات نه ڏيڻ سان خلا پيدا ٿئي ۽ ان جي سبب پوءِ فيڪ نيوز ۽ پروپيگنڊا پکڙجي ٿي،سينئر صحافي ابصار عالم جو به اهو ئي خيال اهي ته اهڙي واقعي تي اهڙي سينسرشپ مناسب ناهي،ان ڪري پروپيگنڊا گهڻي پکڙي آهي،حڪومت مخالف جماعت به ان جو فائدو کنيو،

  1. رياست ڳالهين لاءِ تيار آهي پر هُو ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهن: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وزيراعليٰ سرفراز بگٽي چيو آهي ته جيڪو به تشدد ڪندو، جيڪو به رياست کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندو ۽ بندوق کڻندو، رياست ان کي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيندي، بلوچستان اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته رياست اڃا به صبر سان ڪم وٺي رهي آهي، پر ان کي وڌيڪ برداشت نٿو ڪرڻ گهرجي، ڇا هو اسان جا پنج سو ماڻهو ماري ڇڏين ۽ اسان وري به وٽن وڃي معافي گهرون؟، اسان کي هن جنگ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، بي ايل اي بندوق جي زور تي پنهنجي نظرئي کي مڙهڻ چاهي ٿي، ڇا اسان ان کي اجازت ڏيون؟ ڇا اسان انهن کي ٻارن کي مارڻ جي اجازت ڏيون؟، سرفراز بگٽي چيو ته نائين، ڌوٻين، استاد ۽ ڊاڪٽرن کي ماريو پيو وڃي جيڪي سافٽ هدف آهن، هي ڪهڙي بلوچ وايت آهي؟، اسان عام بلوچ کي سو ڀيرا ڀاڪر پائڻ لاءِ تيار آهيون. بلوچ ٻارن لاءِ تعليمي ادارا کوليا آهن، هن چيو ته رياست ڳالهين لاءِ تيار آهي پر هو ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهن.

  1. حافظ نعيم جو اختر مينگل سان رابطو، ريل واقعي تي افسوس جو اظهار

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل سان ٽيليفونڪ رابطو بلوچستان جي مجموعي حالتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردي جو واقعو افسوسناڪ آهي، پوري قوم ڳڻتي ۾ مبتلا آهي، اختر مينگل چيو ته حڪومت کان وڏي عرصي کان بلوچستان تي توجهه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، حڪومت اسان جي گذارشن کي سنجيدگي سان نٿي وٺي، حافظ نعيم چيو ته حڪومت هوش کان ڪم وٺي ۽ بلوچستان ۾ امن لاءِ قومي لائحه عمل جوڙي، تمام اسٽيڪ هولڊرز، سياسي پارٽين جي مشاورت سان بلوچستان تي پاليسي ترتيب ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.