ڪوئيٽا(م ڊ)نيشنل پارٽي جي سربراهه ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس جو واقعو ڪنهن المئي کان گهٽ ناهي، سانحو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي،هن چيو ته سمورن بيگناهه ماڻهن جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا،لاپتا ماڻهن جو مسئلو تمام اهم آهي،فورسز جو انگ وڌائڻ سان مسئلو ڪڏهن به حل نه ٿيندو، ڳالهين ذريعي ئي بلوچستان جو مسئلو حل ڪيو وڃي، هن چيو ته اسلام آباد ۽ بلوچستان جي اشرافيه جو مائنڊ سيٽ اڃا تائين تبديل ناهي ٿيو،اشرافيه بلوچستان مسئلي جو حل رڳو بندوق سمجهي ٿي،اها انهن جي ڀل آهي، ٻن اڍائي ڏهاڪن کان حالتون خراب پيون ٿين،ڪو به سنجيدگي سان نه پيو سوچي، هن چيو ته لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي،بيروزگار بلوچ نوجوانن کي ميرٽ تي روزگار ڏنو وڃي، اسٽيبلشمينٽ ۽ بلوچ عليحدگي پسند ڳالهين جي ميز تي ويهن، خون خرابي سان ڪو به فائدو نه ٿيندو، هن چيو ته بلوچستان اسيمبلي ۾ عوام جي چونڊيل نمائندن کي اچڻ ڏيو،ائين نه ٿيو ته عوام ۾ احساس محرومي وڌيڪ وڌندي،بلوچ عليحدگي پسند پوري صوبي ۾ پکڙجي چڪا آهن،مان وڏين سياسي پارٽين کان مايوس آهيان،
خضدار(يار محمد بروهي)بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اختر مينگل ايڪس اينڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بلوچستان ۾ اهڙو ڪو علائقو ناهي بچيو جتي حڪومت دعويٰ ڪري سگهي ته ان جو ڪنٽرول آهي،ايڪس تي بيان ۾هن چيو ته اسان خبردار ڪيو هو، اسان کان اڳ وارن به ڊيڄاريو هو،پر انهن ڳالهين کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ بدران نه رڳو عوام جو مذاق اڏايو ويو پر ڦرلٽ ۽ قتل عام جو بازار گرم ڪيو ويو.اختر مينگل الزام هڻندي چيو ته بلوچ نسل ڪشي ۾ هر حڪومت برابر جي ذميوار آهي ۽ اهو واحد مسئلو هو جنهن تي سمورا ادارا ۽ سموريون حڪومتون هڪ پيج تي هيون ۽ پنهنجون غلطيون تسليم ڪرڻ بدران ڪنهن ٻئي تي الزام هڻڻ سندن عادت رهي آهي.اختر مينگل چيو ته وفاقي حڪومت، سياسي پارٽين، عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ کي سمجهڻ گهرجي ته هاڻي معاملو نه اسان جي اختيار ۾ آهي نه توهان جي.