آپريشن کان اڳ دهشت گردن 21 مسافر شهيد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري بلوچستان جي بولان واري علائقي ۾ جعفر ايڪسپريس تي ٿيل حملي بعد آپريشن بابت چيو آهي ته آپريشن ۾ مسافرن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، سمورن 33 دهشت گردن کي ماري ڇڏيو آهي، دهشت گردن جي حملي ۾ 21 مسافر ۽ 4 ايف سي جا اهلڪار شهيد ٿيا آهن، دنيا نيوز جي پروگرام "آن دي فرنٽ” ۾ ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ دهشت گردن 21 شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، 11 مارچ تي تقريباً هڪ وڳي دهشت گردن بولان پاڪ جي علائقي اوسي پور ۾ ريلوَي ٽريڪ کي ڌماڪي سان اُڏايو، جنهن تي جعفر ايڪسپريس ٽرين اچي رهي هئي ۽ ريلوَي اختيارين موجب ان ٽرين ۾ 440 مسافر موجود هئا، اهو علائقو ڏکيو هو، ۽ دهشت گردن شروع ۾ يرغمالين کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو، جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا، ان ڪري هي آپريشن انتهائي مهارت ۽ احتياط سان ڪيو ويو، فوري آپريشن شروع ڪيل ۾ فوج، ايئر فورس، فرنٽيئر ڪور ۽ ايس ايس جي جي جوانن حصو ورتو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن دورن دهشت گرد افغانستان ۾ پنهنجي سهولت ڪارن ۽ ماسٽر مائينڊ سان سيٽلائيٽ فون ذريعي رابطي ۾ هئا، يرغمالين کي مرحلي وار بحفاظت آزاد ڪرايو ويو، ڪالهه شام جو فائنل ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، ان دوران سڀني مغوي مسافرن کي آزاد ڪرايو ويو، ليفٽننٽ جنرل احمد شريف ٻڌايو ته "جتي جتي دهشت گرد موجود هئا، انهن سڀني کي جهنم واصل ڪيو ويو آهي، ۽ انهن جو ڪل تعداد 33 آهي، ڪليئرنس آپريشن دوران ڪنهن به معصوم مسافر کي نقصان نه پهتو، پر آپريشن کان اڳ جيڪي مسافر دهشت گردن جي بربريت جو شڪار ٿيا، انهن جو تعداد 21 آهي، ان کان سواءِ ريلوَي پڪٽ تي مقرر فرنٽيئر ڪور جا 3 جوان شهيد ٿيا، جڏهن ته آپريشن دوران هڪ فرنٽيئر ڪور جو جوان شهيد ٿيو، هن چيو ته ڪنهن کي به اها اجازت هرگز نٿي ڏئي سگهجي ته هو پاڪستان جي معصوم شهرين کي روڊن تي، ٽرينن ۾، بسون ۾ يا بازارن ۾ پنهنجن گمراهه ڪندڙ نظرين ۽ پنهنجي ٻاهريان آقاڻن جي هدايتن ۽ سهولت ڪاري سان نشانو بڻائين، جيڪي به اهڙا ڪم ڪندا، انهن کي ماريو ويندو ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهري ۾ آڻڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي،  هن چيو ته جعفر ايڪسپريس واقعي گيمز جا رولز تبديل ڪري ڇڏيا آهن، ڇو ته انهن دهشت گردن جو دين اسلام، پاڪستان ۽ بلوچستان سان ڪو به واسطو ناهي، سوشل ميڊيا جي ڪردار بابت ڳالهائيندي ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چيو ته جيئن ئي هي واقعو ٿيو، ته ڪجهه منٽن ۾ ڀارتي ميڊيا ۾ نه صرف ان واقعي جي گمراهه ڪندڙ رپورٽنگ شروع ٿي وئي، پر پراڻين تصويرن، پراڻين فوٽيجز سان گڏ، مصنوعي ذهانت سان ٺهيل وڊيوز ۽ تصويرون به نشر ڪرڻ شروع ڪيون ويون، ان سان دهشت گردن ۽ انهن جي آقائن جو ڳٺ جوڙ سڄي دنيا جي سامهون واضح ٿي وڃي ٿو، ۽ اهو اڳ ۾ ئي واضح ٿي چڪو آهي، جڏهن ڪلبھوشن ياديو جو واقعو ٿيو ۽ ان وقت اهو معلوم ٿيو ته ڪيئن هو بلوچستان ۾ دهشت گردي کي هٿي ڏئي رهيا هئا، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته "دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته پاڪستان ۾ پڻ ڪجهه مخصوص سياسي عنصر به وڌي ڪري سوشل ميڊيا کي فعال ڪندا آهن، ۽ هو رياست جو ساٿ ڏيڻ بدران دهشت گردي جي هن خوفناڪ عمل لاءِ بُنيادَ جواز پيدا ڪرڻ ۾ مصروف نظر ايندا آهن، افسوس ٿيندو آهي جڏهن ڪجهه ماڻهو ذاتي اقتدار جي هوس ۾ قومي مفاد کي قربان ڪري ڇڏيندا آهن، پاڪستان جا باشعور عوام انهن سڀني ڳالهين کي نه صرف ڏسي رهيو آهي، پر ڏڦيڙي سياست پٺيان جيڪي پيچيده هٿ آهن، انهن کي به سمجهي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.