اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته بلوچستان جي معاملي تي جيڪڏهن عليحدگي پسندن سان ڳالهين جو دروازو کلي ٿو، ته ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، بلوچستان جي معاملي تي وڏين سياسي پارٽين کي گڏ ويهڻ گهرجي، هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ بلوچستان جا حالتون اهڙيون نه هيون، ملڪ ۾ دهشتگردي تقريباً ختم ٿي چڪي هئي، اي پي ايس سانحي کان پوءِ به نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد نه ٿيو، جيڪڏهن ٽرين تي حملو ڪري مسافرن کي اغوا ڪيو ويو، ته سياستدان ڪجهه به نٿا ڪري سگهن، هٿيار ادارا ئي وڃي ڪارروائي ڪندا.