اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ کي جعفر ايڪسپريس حملي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملي،احتجاج،پريزائيڊنگ آفيسر عبدالقادر پٽيل جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو،مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب دهشت گرد حملي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته عبدالقادر پٽيل اجازت کان انڪار ڪندي چيو ته صدارتي خطاب تي بحث دوران بلوچستان جي صورتحال تي ڳالهائجان،جي يو آءِ جي نور عالم خان چيو ته پ پ جي پاڻي سميت ڪنهن اشو تي ڳالهه نه ٻڌي وڃي ته اها اپوزيشن ۾ اچي وڃي،عمر ايوب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته محسن نقوي ڪٿي آهي؟ اهي هتي نظر نٿو اچي،ايوان ۾ حالت اها آهي ته اسان بلوچستان اشو تي ڳالهائي رهيا آهيون حڪومتي ميمبر پاڻ ۾ ڪچهرين ۾ مصروف آهن،انهن کي پرواهه ئي ناهي،