گڙدن جو عالمي ڏينھن ــــ گڙدن جي صحت، بچاءُ ۽ علاج

تحرير: عرفان آزاد چاچڙ

گڙدن جو عالمي ڏينھن هر سال مارچ جي ٻئي خميس تي ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ گڙدن جي صحت بابت شعور وڌائڻ، گڙدن جي بيمارين جي اثرن کي اجاگر ڪرڻ، ۽ پيشه ور طبي ماهرن کي گڙدن جي علاج ۽ تحقيق لاءِ متاثر ڪرڻ آهي. گڙدن جي خراب ٿيڻ ۽ بيمارين سبب دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو روزمرھ جي زندگيءَ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

گڙدن جو بنيادي ڪم جسم مان زهريلا مادا ۽ اضافي پاڻي فلٽر ڪرڻ آهي، جيڪو پيشاب ذريعي خارج ٿئي ٿو. اهي جسم ۾ ٿيندڙ ٻين اهم ڪمن ۾ شگر جي سطح کي برقرار رکڻ، بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ هارمونز ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا آهن.

گڙدن جي خرابي جي صورت ۾ نه صرف جسم جي روزمرھ وارا اهم ڪم متاثر ٿين ٿا، پر اهو دل جي بيمارين، بلڊ پريشر جي واڌ ۽ جگر جي بيمارين جو به سبب بڻجي سگهي ٿو.

عالمي سطح جي رپورٽون اھو ظاھر ڪن  ٿيون ته گڙدن جي خراب ٿيڻ جا بنيادي سبب هن ريت آهن.

ذيا بيطس ۽ هائپر ٽينشن:

گڙدن جي بيمارين جا بنيادي سبب شوگر ۽ بلڊ پريشر جي وڌڻ کي قرار ڏنو وڃي ٿو. گلوبل برڊن آف ڊزيز اسٽڊي 2019 موجب، دنيا ۾ تقريباً 850 ملين ماڻهو گڙدن جي بيمارين سان متاثر آهن، جن مان اڪثر شوگر ۽ بلڊ پريشر جا مريض آهن.

گڙدن ۾ پٿريون :

عالمي رپورٽن موجب گڙدن ۾ پٿريون تمام عام مسئلو آهي، خاص طور تي اهي علائقا جتي پاڻي جي کوٽ آهي.

جراثيم ۽ انفيڪشن:

انفيڪشن سان متاثر ٿيل گڙدن کي صحيح سنڀال نه ملڻ ڪري خرابي جو شڪار ٿيڻ جو خدشو وڌي ٿو.

پاڪستان ۾ به گڙدن جي خراب ٿيڻ جو مسئلو وڌي رهيو آهي. پاڪستان رينل ڊزيرچ انسٽيٽيوٽ (PRI) جي رپورٽ مطابق ملڪ ۾ هر سال تقريباً 20 هزار ماڻهو گردن جي دائمي بيمارين ۾ مبتلا ٿين ٿا گڏوگڏ گڙدن جي بيماري کان متاثر ماڻهن جو سڀ کان وڏو سبب بي علمي ۽ ابتدائي علاج ۾ تاخير آهي.

گڙدن جي صحت لاءِ بچاءَ.

گڙدن جي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ تحقيقن ۾ ظاھر ڪيل ڪجھ تدبيرون ۽ هيٺيان احتياطي قدم شامل اهم آهن

پاني جي مقدار:

دنيا جي ماهرن جي مطابق هر ماڻهو کي ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8-10 گلاس پاڻي پيڻ گهرجي ته جسم مان زهريلا مادا باقاعدگي سان خارج ٿين.

صحت مند خوراڪ:

نمڪ ۽ فاسٽ فوڊ جي استعمال کي گهٽائڻ ۽ ميوو، سايون ڀاڄيون، ۽ سڀزياتي خوراڪ کي ترجيح ڏيڻ گھرجي.

بلڊ شوگر ۽ بلڊ پريشر جي ڪنٽرول:

آمريڪن ڪڊني فائونڊيشن رپورٽ ڪري ٿي ته شوگر ۽ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ سان گڙدن جي خرابي جو خطرو 30-50 سيڪڙو تائين گهٽائي سگهجي ٿو.

ڪيميڪلز کان بچاءَ :

جراثيمن ۽ ڪيميڪلز سان واسطيدار ماڻهن کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن اهي گڙدن تي خراب اثر پيدا نه ڪن.

گڙدن جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ممڪن تدبيرون ۽ علاج ھيٺ بيان ڪجن ٿا.

ڊائلاسس:

هي علاج انهن لاءِ مددگار آهي جن جا گڙدا مڪمل طور تي ڪم ڪرڻ بند ڪري چڪا آهن. پاڪستان ۾ هر سال هزارين مريض ڊائلاسس ذريعي پنهنجي زندگي کي بچائيندا آهن.

گردي جي منتقلي :

گردي جي منتقلي (ڪڊني ٽرانسپلانٽ) دنيا ۾ هڪ معروف علاج آهي، جيڪو گڙدن جي خرابي کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار آهي. پاڪستان ۾ مختلف اسپتالون هن شعبي ۾ اڳڀرائي ڪري رهيون آهن.

گڙدن جي عالمي ڏينھن، گڙدن جي صحت تي ڌيان ڏيڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. عالمي ۽ مقامي سطح تي انهن بيمارين بابت شعور وڌائڻ، وقت سر علاج ۽ احتياط تي عمل ڪرڻ سان نه فقط گڙدن جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، پر زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

اسان سڀني تي لازم آهي ته صحت مند زندگي اختيار ڪيون، باقاعدگي سان طبي چڪاس ڪرائي، ۽ پنهنجي جسم جي اس اهم حصي جو خيال رکون جيڪو اسان جي مجموعي صحت لاءِ تمام اهم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.