انڊس ڊيلٽا کي تباهي کان بچائڻ جي ضرورت آهي

تحرير: الياس سمون

پاڻيءَ جي کوٽ سبب انڊس ڊيلٽا جي  ڇوڙ وارن علائقن سڄڻ واري، ٺاريواري،  ٻاٻيهو ڊانڊو سميت سموري ساحلي پٽي ۾ پاڻي جي شديد کُوٽ ٿيڻ ڪري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. زرعي پاڻيءَ جي ته اڳ ئي کُوٽ ھئي، پر هاڻي ته پيئڻ جي پاڻيءَ جا زريعا به ختم ٿي رهيا آهن.! صورتحال تمام گهڻي ڳنڀير ٿيندي پئي وڃي.نالن ذريعي ساحلي پٽيءَ جي پڇڙ ۾ پاڻي نه پھچڻ جي ڪري سڄي علائقي جو جَر به مڪمل طور تي کارو ٿي ويو آھي، زراعت جي لاءِ پاڻي ته اڻلڀ آھي پر انسانن، جانورن توڙي پکي پکڻن جي لاءِ به پيئڻ لاءِ پاڻي اڻلڀ ٿيندو ٿو وڃي!.

انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ جي ڪري سمنڊ ڏينهون ڏينهن اڳيان وڌي ٻين علائقن کي وڪڙ ۾ آڻي رھيو آھي،  جنھن ڪري علائقي مان وڏي پيماني تي لَڏپلاڻ ٿي رهي آھي، علائقي واسين جو ڪو پرسان حال نه آهي.! ھن علائقي جو زراعت کان پوءِ  ٻيو وڏو گذر سفر سمنڊ جي شڪار تي آھي، ان جو به ڏينهون ڏينهن خاتمو ٿيندو پيو وڃي، ڇو ته انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه اچڻ جي ڪري مڇي جھينگي، کيکڙي، جيلي فش سميت ھر چيز جو تيزي سان خاتمو ٿي رهيو آھي!

هيڏي وڏي تباهي جي باوجود مٿان وري پنجاب کي سائو ڪري سنڌ کي بنجر بنايو پيو وڃي. سنڌوءَ درياءَ مان ھن وقت 6 ڪئنال ڏاڍ جي زور تي  نڪرن پيا، جنھن سان پنجاب جو ريگستان سائو ٿئي پيو ۽ سنڌ بنجر بڻجي پئي، ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائيندا ۽ تباھ ڪندا، ايتري وڏي ناانصافي جي باوجود سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ سنڌ سرڪار  پ پ خاموش آھي،  سي ايم سنڌ کي ڄڻ اها خبر ئي ناھي ته ڇا ٿي رھيو آھي ويچارو بيخبر آھي.

هوڏانهن سمنڊ به ساحلي پٽي ۾ وڏي تباهي آندي آهي، سمنڊ جي تيزي سان اڳتي وڌڻ ڪري ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، گھوڙاٻاري ۽ ميرپورساڪرو تعلقن جون 25 ديھون سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. سمنڊ جي تيزي سان اڳتي وڌڻ ڪري خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، جر کارو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري زندگيون سخت متاثر ٿيون آهن، انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ جو اڳتي وڌڻ  آباد زمينون بنجر ڪري رهيو آهي، جنهن سبب تاريخي شهر کاروڇاڻ، سڄڻ واري، ڪيٽي بندر، ڳاڙھو، جھالو، جوھو ۽ گھوڙاٻاري سميت سامونڊي پٽي جا علائقا انساني ڇڏي رهيا آهن، اهڙي صورتحال رهي ته هي علائقي انسانن کان خالي ٿي ويندا ۽ سمنڊ ۾ اندر هليا ويندا.

سامونڊي ٻيٽن جي ڪوبر واڙي، ترڇاڻ، حجامڙو، انڀرا، ڀوري، سوکي ۽ ٻين ڪريڪن ٻيٽن تي آباد هزارين ماڻهو اتان هليا ويا آهن، جتي ڇڏيل نشانيون مسجدون ۽ قبرستان اڄ به سندن صدين کان آباد ۽ خوشحال هئڻ جا شاهد بڻيل آهن، سامونڊي پٽي جي پڇڙي وارين شاخن انڊو، دارسي، خاڻاني، مليرڙي، جھالو، گهوڙاٻاري، جوھو، ٻن ڳاڙھو جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ سبب هزارين ايڪڙن زرعي زمينون غير آباد ٿيڻ سبب 50 سيڪڙو زراعت سان تعلق رکندڙ طبقو بيروزگار ٿي چڪو آهي. 35 سيڪڙو ماهيگيري سان تعلق رکندڙ طبقو بيروزگار بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري هتان جا ماڻهو ابراهيم حيدري، ملير، گهگهر، گلشن حديد، ڌاٻيجي، ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي هليا ويا آهن.

سنڌو درياهه جي پڇڙ ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري هتان جا خوشحال خاندان ٻين هنڌ تي وڃي مزدوري ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، سامونڊي پٽي جي علائقن مان تيزي سان ٿيندڙ لڏپلاڻ کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ 10 سالن اندر هتان 70 سيڪڙو انساني آبادي لڏپلاڻ ڪري چڪي هوندي.

ساحلي پٽي جون 30 قدرتي ڍنڍون سامونڊي ويرن جي ورچڙهڻ سبب تباهه ٿي ويون، سجاول ضلعي جي وڏي ڍنڍ پيڻن به سمنڊ اندر هلي وئي ۽ لڄاڻو ڍنڍ، وينگار ڍنڍ، ماڻٺي ڍنڍ، ڪوري، لاھن واري، چر ٻر، جھٻو، ڇڇ، گڏاپ، رپڙ، ڪڙ، ڇاڻ، سانڀيڙ ڍنڍ، ڍانگ، ويڪئي، چوپٽي، ونئڻ ڍنڍ، کڏي، ڪاجري، تل، جھم، انڍو، سور ھڏي، فانڊو، پٽيجي، گھاڙي، شيخاڻي، شڪور ڍنڍ ۽ نريڙي ڍنڍ به سمنڊ اجاڙي ڇڏيون آهن، ڍنڍ جي تباهي سبب مڇين جا سوين نسل گوج، بونھڻ، ڳانير، پوپري، لوڙھ، ڪنگ، ڀون ڦاڙ، گندڻ، دانر، ڏنديو، گلو، مور مڇي ۽ ٻيا نسل ختم ٿي ويا آهن.

هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سامونڊي پٽي جي علائقن جي مک بئراج اڏيرو لال سميت 18 شاخن جي پڇڙي ۾ مٺي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ سامونڊي پٽي جي علائقن جي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ سميت زراعت جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن سامونڊي پٽي تي آباد ڳوٺن ۽ شهرن کي سمنڊ جي ڳڙڪائڻ کان بچائي سگهجي.

1991ع واري ٺاھ موجب ڊيلٽا کي ساليانو 36 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڏيڻو آھي، سو نٿو ملي، جنھن سبب دنيا جي 5 نمبر وڏي انڊس ڊيلٽا هن وقت تباهي جي ورچڙهي وئي آهي، پاڻي نه اچڻ ڪري 18 لک هيڪٽرن تي قائم دنيا جو 7 نمبر وڏو تمرن جو ٻيلو ختم ٿي وڃي هاڻ 5 لک هيڪٽرن تي بچيو آهي، مٺي پاڻي نه ملڻ ڪري تمر جون ڪيتريون ئي جنسون ختم ٿي ويون آهن. 6 جنسن مان 2 جنسون بچيون آهن، هن وقت تائين هڪ اندازي موجب سمنڊ 45 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي. انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري  سمنڊ ھرروز جي بنيادن تي 5 ايڪڙ زمين ڳڙڪائي تباهه ڪري رھيو آھي. سامونڊي پٽيءَ مان  ساوڪ ختم ٿي وئي آھي، ڪيترن ئي قسمن جا جانور اڻلڀ ٿي ويا آھن، ماضيءَ ۾ ڳاڙھن چانورن جو مرڪز کاروڇاڻ پوري دنيا کي چانور سپلاءِ ڪندو ھو، لاھور جا واپاري کاروڇاڻ جو ڪيلو اچي خريد ڪندا ھئا، حيدرآباد جا واپاري کاروڇاڻ جي پلي تان اچي وڙھندا ھئا، پر حڪمرانن جي بيحسي ڪري ھن وقت نه چانور نه ڪيلو نه پلو بچيو ڇو ته کاروڇاڻ اھو علائقو آھي، جتان درياهه سنڌ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، هن وقت ھڪ ننڍڙو ڳوٺ وڃي بچيو آهن، باقي سمنڊ ڳڙڪائي ويو. تنهن ڪري هن وقت ڪينال ڪڍڻ نه پر سنڌو جي ڊيلٽا کي بچائڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.