اُشنا شاهه جي صورت بگڙجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا اشنا شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيئن هڪ ڪاسميٽڪ سرجري سبب سندس چهرو خراب ٿي ويو هو.
ويجهڙ هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڪاسميٽڪ پروسيجرز بابت ڳالهائيندي اشنا شاهه چيو ته هاڻ هوءَ اهڙين سرجرين کان گهڻو ڊڄي ٿي، ڇو ته هڪ ڀيرو هن فلرز ڪرايا هئا، جيڪي چهرو خراب ٿيڻ کانپوءِ هٽائڻا پيا.
اداڪارا ٻڌايو ته کيس ننڊ جي مسئلن سبب اکين جي هيٺان ڪارا کڏا پئجي ويا هئا، هڪ ڊاڪٽر صلاح ڏني ته فلرز ذريعي اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، جنهن تي هن فلرز ڪرايا ۽ نتيجي ۾ اکين جي چوڌاري موجود ڪارا داغ ختم ٿي ويا.
اشنا شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه مهينن کانپوءِ جڏهن فلرز ختم ٿيا ته هوءَ هڪ سيلون تي وئي جتي هڪ بيوٽيشن کيس چيو ته هوءَ به فلرز ڪري سگهي ٿي.
اداڪارا اعتماد ڪندي ٻيهر فلرز ڪرايا، پر ان کانپوءِ سندس اکيون سڄي ويون.
اشنا شاهه چيو ته سندس اکيون ايتريون سُڄي ويون جو چهرو ئي بگڙجي رهيو هو، جنهن سبب کيس اهي فلرز فوري طور هٽائڻا پيا.
هن وڌيڪ چيو ته ان واقعي کانپوءِ هاڻ هوءَ ڪنهن به قسم جي ڪاسميٽڪ سرجري کان گهڻو ڊڄي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.