اڳوڻي فوجيءَ کي محبوبه، سندس ماءُ ۽ ڀيڻ جي وحشياڻي قتل تي جنم ٽِيپ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي عدالت بي بي سي ڪامنٽيٽر جان هنٽ جي زال ۽ ٻن ڌيئرن کي وحشياڻي طريقي سان قتل ڪندڙ اڳوڻي فوجي ڪائل ڪلفورڊ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 26 ورهين جي ڪائل ڪلفورڊ پنهنجي اڳوڻي گرل فرينڊ لوئس هنٽ کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپو سندس ماءُ ڪيرول هنٽ ۽ ڀيڻ حانا کي چاقوءَ جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو.
اولهه انگلينڊ جي ڪيمبرج ڪرائون ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران، جج جوئل بينٿن ڏوهاري کي ”ساڙوٽو ۽ عورتن کان نفرت ڪندڙ شخص“قرار ڏنو.
عدالتي فيصلي موجب، ڪلفورڊ ڪيئي ڏينهن تائين رٿابندي ڪئي ۽ جولاءِ 2024 ۾ لنڊن جي اترين علائقي ۾ جان هنٽ جي گهر تي حملو ڪيو.
پهريان هن 61 ورهين جي ڪيرول هنٽ کي چاقو سان قتل ڪيو، هڪ ڪلاڪ کانپوءِ 25 ورهين جي لوئس هنٽ گهر پهتي ته کيس ٻڌي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ 28 ورهين جي حانا هنٽ جئين ئي ڪم تان موٽي ته کيس به بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.