بولان (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي بولان ۾ دهشتگردن جي حملي کانپوءِ فورسز جو آپريشن جاري آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تي موجود سمورا دهشتگرد مارجي ويا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردن خلاف آپريشن آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ وڏي انگ ۾ يرغمال مسافرن کي بازياب ڪرايو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بازياب ڪرايل ٻارن ۽ عورتن کي انساني شيلڊ طور استعمال ڪيو پئي ويو، ان کان اڳ 190 مسافرن کي به آزاد ڪرايو ويو هو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن دوران انتهائي احتياط ۽ مهارت سان ڪم ورتو ويو،معصوم جانيون بچايون ويون، جڏهن ته آپريشن کان اڳ دهشتگردن جي بربريت جو نشانو بڻجندڙ شهيد مسافرن جو انگ معلوم ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته موقعي تي موجود سمورن دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، وڌيڪ تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.
ان کانسواءِ دهشتگردن آپگهاتي بمبار يرغمالين جي ويجهو ويهاريا هئا، جن پاڻ تي خودڪش جيڪٽون پاتل هيون.
جعفر ايڪسپريس حملو: عورتن ۽ ٻارن سميت يرغمالين جو وڏو انگ بازياب، هڙئي دهشتگرد ماريا ويا
You might also like