دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ون ڊي انٽرنيشنل (او ڊي آءِ) رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار ون ڊي رينڪنگ ۾ ڀارت جو شُڀمَن گِل پهرئين نمبر تي برقرار آهي، جڏهن ته پاڪستان جو بابر اعظم ٻئي نمبر تي موجود آهي.
ڀارت جو روهت شرما ٻه درجا ترقي سان ٽئين نمبر تي پهچي ويو، جڏهن ته نيوزيلينڊ جو راچن رويندرا 14 ڏاڪا چڙهندي 14هين نمبر تي اچي ويو.
نيوزيلينڊ جو گلين فلپس 6 درجن ترقي بعد 24هين نمبر تي پهتو، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو ڊيوڊ ملر 5 درجا بهتري سان 26هين نمبر تي اچي ويو.
بالرن جي رينڪنگ ۾ سريلنڪا جو مهيش ٿيڪشانا پهرئين نمبر تي موجود آهي.
ڪيوي ڪپتان مچل سينٽنر 6 درجا ترقي سان ٻئي نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته ڀارت جو ڪُلدِيپ يادو 3 درجا بهتري کانپوءِ ٽِين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ڀارت جو رويندرا جاڙيجا ٽن درجا ترقي سان ڏهين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته نيوزيلينڊ جو مائيڪل بريسويل 18هين نمبر تي موجود آهي.
آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ افغانستان جو عظمت الله عمرزئي جو پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جو مائيڪل بريسويل ست درجا ترقي کانپوءِ ستين ۽ راچن رويندرا 8 درجا بهتري سان اٺين نمبر تي اچي ويو آهي.
Next Post
You might also like