سون وري مهانگو، تولو گهڻي ۾ ملندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ٻن ڏينهن تائين قيمتون برقرار رکڻ کانپوءِ اڄ سون في تولي سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 500 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 6 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون به 429 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 60 هزار 774 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 5 ڊالر چاڙهه کانپوءِ 2 هزار 915 ڊالر تي پهچي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.