گوگل پنهنجي موبائل ادائيگي سسٽم گوگل واليٽ (جنهن کي گوگل پي طور به ڄاتو وڃي ٿو) پاڪستان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو.
گوگل واليٽ هڪ ڊجيٽل واليٽ آهي، جيڪو واهپيدارن کي پنهنجا ڊيبٽ يا ڪريڊٽ ڪارڊ محفوظ رکڻ جي سهولت ڏئي ٿو، جڏهن ته واهپيدار پنهنجي اينڊرائيڊ فون ذريعي سڌي ريت ادائگيون به ڪري سگهن ٿا.
گوگل واليٽ جو استعمال ڪيئن ڪجي؟
سڀ کان پهرين گوگل واليٽ ايپ کي گوگل پلي اسٽور تان ڊائونلوڊ ڪريو.
جيڪڏهن توهان جو ڊيبٽ يا ڪريڊٽ ڪارڊ اڳ ئي گوگل اڪائونٽ سان ڳنڍيل آهي ته اهو پاڻمرادو گوگل واليٽ تي نظر ايندو.
اسڪرين تي ڏنل هدايتن تي عمل ڪندي ڪانٽيڪٽ ليس پيمنٽس لاءِ پنهنجو اڪائونٽ ترتيب ڏيو.
جيڪڏهن توهان جو ڪارڊ اڳ ۾ گوگل اڪائونٽ سان ڳنڍيل ناهي ته واليٽ ايپ کوليو،” ايڊ ڪارڊ“ آپشن تي ڪلڪ ڪريو ۽ هدايتن تي عمل ڪندي تصديقي عمل مڪمل ڪريو.
گوگل پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ موجب، پاڪستان ۾ ڊجيٽل ادائگين جي واڌاري جو عمل تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ گوگل واليٽ محفوظ ادائيگين، خريداري ۽ سفري سهولتن لاءِ هڪ اثرائتو ذريعو آهي.
هن جو چوڻ هو ته دڪانن تي ادائيگي ڪرڻ وڌيڪ سولو ٿيندو ۽ سفر دوران بورڊنگ پاس تائين پهچن پڻ آسان ٿي ويندي.
ڪهڙين بئنڪن جا ڪارڊ گوگل واليٽ ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا؟
بينڪ الفلاح، بينڪ آف پنجاب، فيصل بينڪ، حبيب بينڪ، ميزان بينڪ، يونائيٽيڊ بينڪ ۽ جاز ڪيش جا واهپيدار پنهنجا ڪارڊ گوگل واليٽ ۾ شامل ڪري سگهن ٿا.
گوگل واليٽ ڪيترو محفوظ آهي؟
گوگل واليٽ رواجي ڪريڊٽ يا ڊيبٽ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ آهي ڇاڪاڻ ته هر ادائيگي انڪرپٽيڊ هوندي آهي، يعني هڪ منفرد ڪوڊ ذريعي ادائيگي جا تفصيل محفوظ رکيا ويندا.
جيڪڏهن ڪو ان ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري به وٺي تڏهن به ان کي ڪارڊ جا تفصيل نه ملي سگهندا.
ڪانٽيڪٽ ليس پئمينٽ ذريعي واهپيدار پنهنجا ڪارڊ پاڻ سان کڻڻ کان آجا ٿي سگهن ٿا، جنهن سان چوري يا گم ٿيڻ جو خدشو گھٽجي ويندو.