رياض (ويب ڊيسڪ) مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني عبادتن جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا مان مسلمانن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، مسجد نبوي صه ۾ عبادت ڪندڙن جي وڏي انگ ۾ آمد جاري آهي، جتي سحري ۽ افطاري لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن.
رپورٽ موجب، گرمي کان بچاءَ لاءِ به خاص انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته افطاري کان پوءِ مختلف هنڌن تي ٿڌو پاڻي مهيا ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويو آهي.
انتظامي معاملن جي نگران موجب، رمضان جي پهرئين ڏهائي دوران مسجد نبوي، ان جي ڇتن ۽ اڱڻ ۾ نمازين جو انگ اٽڪل هڪ ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي.
زائرين جي سهولت لاءِ مسجد نبوي جي چوڌاري ٽريفڪ ڪنٽرول لاءِ خاص بندوبست ڪيو ويو آهي.
اچ وڃ وارن رستن تي سيڪيورٽي اهلڪار ۽ رضاڪار موجود آهن، جيڪي نمازين جي رهنمائي ۽ مدد ڪري رهيا آهن.
Next Post
You might also like