لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ناڻي واري وزارت عيدالفطر جي موقعي تي سرڪاري ملازمن کي وقت کان ايڊوانس پگهارون جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب، سرڪاري ملازمن کي 26 مارچ تي پگهارون ڏنيون وينديون.
ان سلسلي ۾ ناڻي سيڪريٽري طرفان باظابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
سرڪاري ملازمن جلد پگهارن جي ادائيگي جو نوٽيفڪيشن لاڳاپيل کاتن ڏانهن اماڻيو ويو آهي.
ناڻي کاتي هدايت ڪئي آهي ته اڪائونٽنٽ جنرل پنجاب ۽ هڙئي ضلعي اڪائونٽ آفيسر پگهارن جي ورهاست يقيني بڻائن.
You might also like