ڪنگسٽن(ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي فاسٽ بالر اينڊي رابرٽس آءِ سي سي کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ان کي” انڊين ڪرڪيٽ ڪائونسل“ قرار ڏئي ڇڏيو.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڀارت کي گذريل سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ به فائدو ڏنو ويو، جتي کيس اڳواٽ خبر هئي ته سيمي فائنل ڪٿي کيڏڻو آهي.
اينڊي رابرٽس وڌيڪ چيو ته چيمپيئنز ٽرافي دوران به ڀارتي ٽيم جون سڀ ميچون دبئي ۾ رکيون ويون، ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٽورنامينٽ ۾ ڪا ٽيم ٽريول ئي نه ڪري؟
هن چيو ته آءِ سي سي جو اصل مطلب ئي ”انڊين ڪرڪيٽ ڪائونسل “ آهي، ڇو ته ڀارت هر ڳالهه جو حڪم ڏئي ٿو. جيڪڏهن سڀاڻي ڀارت چوي ته نو بال ۽ وائيڊ بال ختم ٿيڻ گهرجن ته آءِ سي سي ان جو به ڪو حل ڪڍي وٺندي.
اينڊي رابرٽس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت هر شيءِ حاصل نه ٿو ڪري سگهي، آءِ سي سي کي گهرجي ته ڀارت کي انڪار ڪرڻ جي همت ڏيکاري.
You might also like