نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ: ڪرڪيٽرن جي معاوضي ۾ لاٿ، ڪيترا پئسا ملندا؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ڪرڪيٽرن کي گهٽ معاوضو ملندو، ڇو ته سندن ميچ فيس ۾ 30 هزار رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳي ڪرڪيٽرن کي هڪ ميچ لاءِ 40 هزار رپيا ملندا هئا، پر هاڻ رڳو 10 هزار رپيا ملندا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ذريعن موجب، گذريل سيزن جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري ٽورنامنٽس جو انگ وڌايو ويو آهي، جنهن سبب نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي ميچ فيس گهٽائي وئي آهي.
پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ڪرڪيٽرن کي گذريل سيزن جي ڀيٽ ۾ مجموعي طور وڌيڪ معاوضو ملي رهيو آهي، ڇو ته وڌيڪ ٽورنامنٽس ۾ شرڪت سبب سندن آمدني وڌي ويندي.
ياد رهي تهنيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جمعي کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ 16 ريجنز جون 18 ٽيمون حصو وٺنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.