ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ورسٽائل سينيئر اداڪارا فضيلا قاضي پنهنجي مڙس قيصر نظاماڻيءَ سان پهرين ملاقات کان وٺي شادي تائين جو دلچسپ سفر بيان ڪري ڇڏيو.
ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي شو ۾ شرڪت دوران فضيلا قاضيءَ کان پڇيو ويو ته قيصر نظاماڻيءَ کيس شاديءَ لاءِ ڪيئن راضي ڪيو ۽ سندن پهرين ملاقات ڪٿي ٿي؟
اداڪارا ٻڌايو ته هو پهريون پاڪستان ٽيليويزن جي ڪوريڊورز ۾ مليا هئا، شروع ۾ قيصر سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪندو هو، ان کانپوءِ هو اردو ڊرامن ڏانهن آيو.
هن ٻڌيو ته سندس ماءُ کي قيصر ڏاڍو وڻندو هو، هوءَ خاص طور تي سندس ڊراما ڏسندي هئي ۽ مون کان پڇندي هئي ته ”هي نئون هيرو ڪير آهي؟ مون ساڻس ملرائي، تمام گهڻو پسند آهي.“
فضيلا قاضيءَ ٻڌايو ته پوءِ هو هڪ شو دوران مليا، جتي هن قيصر سان پنهنجي امڙ جو ذڪر ڪيو، ان کانپوءِ هو کيس گل ڏيڻ لڳو ۽ هو اڪثر منهنجي گهر ايندو هو.
اداڪارا موجب، هڪ ڏينهن هن قيصر کي واضح ٻڌايو ته ”تون سيٽ تي ۽ هر هنڌ منهنجي پويان لڳو ٿو وتين، ائين مناسب نٿو لڳي، بابا مون کي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جي وڏي مشڪل سان اجازت ڏني هئي.“
هن چيو ته ان تي قيصر نظاماڻيءَ جواب ڏنو ته” تون مون کي وڻي ٿي.“
فضيلا قاضيءَ کيس چيو” جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڇا ڪجي؟“ تون سڌو رشتو موڪل ته پوءِ شادي ڪنداسين.
اداڪارا ٻڌايو ته کيس لڳو هو ته قيصر انڪار ڪري ڇڏيندو ۽ شاديءَ جو ٻڌي ڀڄي ويندو، پر ائين نه ٿيو، قيصر چيو،”ٺيڪ آهي!“ پر سندس والدين راضي نه ٿيا.
فضيلا قاضي وڌيڪ چيو ته قيصر جي گهروارن چيو ته اڃا تو ڪيريئر هاڻي شروع ڪيو آهي، انڊسٽري ۾ نئون آهين، پر هن گهر وارن کي صاف چئي ڇڏيو ته ” مان فضيلا کي زبان ڏئي چڪو آهيان.“
You might also like