ڇا اوهان سوچي سگهو ٿا ته هڪ شخص، جنهن جي سالياني پگهار لکين رپياهجي، اهو هڪ معمولي سبب تي نوڪري ڇڏي سگهي ٿو؟
اهو حيرت جوڳو واقعو ڀارت ۾ پيش آيو، جنهن جي خبر وائرل ٿي وئي.
رپورٽن موجب، هڪ شخص 21 لک ڀارتي رپين (يعني 72 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا) جي سالياني پيڪيج تي هڪ ڪمپني جوائن ڪئي، پر رڳو 10 ڏينهن ۾ نوڪري ڇڏي ڏنائين.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڄاڻايل همراهه انڊين انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ جو گريجوئيٽ هو، جنهن نوڪري جي ٻن هفتن اندر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ڪمپني جي هڪ سيلز نمائندي ٻڌايو ته هن کي هڪ اڪائونٽ ايگزيڪٽيو کي تربيت ڏيڻ لاءِ چيو ويو هو، پر کيس حيرت ٿي ته ٽريني جي سالياني پگهار 21 لک هئي، ان سان گڏ 2 لک جوائننگ بونس به ڏنو ويو هو ان باوجود هن 10 ڏينهن اندر نوڪري ڇڏي ڏني.
سيلز نمائندي موجب، جڏهن ٽريني کان نوڪري ڇڏڻ جو سبب پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته کيس مارڪيٽنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم لاءِ چيو ويو هو، پر بعد ۾ خبر پئي ته پهرين هڪ سال تائين سيلز جو ڪم ڪرڻو پوندو.
هن وڌيڪ چيو”مان ان ڪم مان خوش نه هئس، ان ۾ منهنجي ڪا به دلچسپي نه هئي، تنهنڪري مون نوڪري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.“
72 لک کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ همراهه 10 ڏينهن اندر ئي پٽا ڏئي ڀڄي ويو..!
You might also like