سپر ٽيڪس بابت ٻڌڻي هيٺ اپيلن وارو مامرو، سپريم ڪورٽ مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ اسلام آباد ۽ لاهور هاءِ ڪورٽس ۾ سپر ٽيڪس بابت ٻڌڻي هيٺ اپيلون سپريم ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بئنچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل مخدوم علي خان موقف اختيار ڪيو ته حڪومت سڌي ريت سپر ٽيڪس لاڳو نٿي ڪري سگهي، ٽيڪس لڳائڻ جي جواز جو ٻڌائڻ ضروري آهي، سپر ٽيڪس لاءِ غيرمعمولي حالتون هجڻ گهرجن.
وڪيل نشاندهي ڪئي ته سپريم ڪورٽ ڪيترن ئي فيصلن ۾ واڌو ٽيڪس کي غلط قرار ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بنيادي حقن جي به خلاف آهي.
سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۽ لاهور هاءِ ڪورٽس ۾ ٻڌڻي هيٺ سپر ٽيڪس بابت اپيلون منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته ڪجهه وقت اڳ وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي هئي.
ملاقات جي پڌرائي موجب، وزيراعظم چيف جسٽس کي ملڪي عدالتن ۾ ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ ٽيڪس معاملن بابت آگاهه ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.