جروار(ن ع آ) جروار لڳ ھاءِ اسڪول ڳوٺ پير بخش گبول ۾ استادن ۽ شاگردن اسڪول کان گبول مارڪيٽ تائين ڪئنالن خلاف استادن ۽ شاگردن جاويد گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال ٺاھي سنڌ سڪائڻ واري سازش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندڙ استادن ۽ شاگردن جو چوڻ ھو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي شديد کوٽ آھي ويتر پنجاب اسان جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي ڪئنال ٺاھي سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري پئي جيڪا ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌو درياءَ مٿان ڇھ ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ قبول ناهن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.