”پيپلزپارٽي ڪنھن به صورت ۾ ڪئنال ٺھڻ نه ڏيندي“

مٽياري( ن ع آ) سنڌ حڪومت جي ترجمان ايم پي اي مٽياري مخدوم فخرالزمان جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ اڳي ئي پاڻي  کوٽ آھي ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي ڇڏي نٿا سگھون اھڙي صورتحال نوان ڪئنال ٺھيا ته سنڌ بنجر ته بڻبي پر ٺٽو . بدين توڙي ڪراچي واسي پاڻي ڦڙي لاءِ به سڪندا،  پيپلزپارٽي ڪنھن به صورت ۾ ڪئنال ٺھڻ نه ڏيندي،  اھڙن خيالن جو اظھار ھن مٽياري ۾ پي پي ضلع مٽياري جي صدر پير امير علي شاھ ھاشمي جي افطار پارٽي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو،  مخدوم فخرالزمان جو چوڻ ھو ته صدر آصف زرداري واضح طور ڪئنالن جي مخالفت ڪئي آهي ان کان اڳ چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري به ڪئنالن کي رد ڪري چڪو آھي ھن چيو پيپلزپارٽي ھميشه سنڌ جي حقن خاطر سنڌي عوام سان گڏ بيٺل رھي آھي، ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪئنالن خلاف قرارداد پيش ڪنداسين ، ان موقعي تي پيپلزپارٽي ضلعي مٽياري جي صدر پير امير علي شاھ ھاشمي جو چوڻ ھو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي پاڻي لاءِ ھميشه پنھنجو چٽو موقف رکيو آھي ڪالاباغ ڊيم ھجي يا ٿل ڪئنال ھجي پيپلزپارٽي روڊن تي احتجاج ڪيو آهي ھاڻي به ڪئنالن خلاف پيپلزپارٽي واضح موقف رکيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.