قوم پرست اڳواڻ عرس ڪيھر بدستور گم، بلڙي شاھ ڪريم ۾ هڙتال، ريلي

بلڙي شاھ ڪريم / گهوڙا ٻاري (نمائندا) بلڙي شاھ ڪريم مان ڪجھه ڏينھن اڳ کنڀي گم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جساف جو مرڪزي اڳواڻ عرس ڪيهر  جو پتو نه پئجي سگھيو، نه وري سندس گرفتاري ظاھر ڪئي وئي آهي،  جنهن خلاف بلڙي شاهه ڪريم ۾ ڪاروبار بند ڪري احتجاج ڪيو، شھرين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي پاران سينيئر قومپرست اڳواڻ حاجي يار محمد ڪيهر  جي اڳواڻي ۾ شھيد بلو پنھور چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي يار محمد ڪيهر ، عثمان پنھور، محمد حنيف سولنگي، شڪيل ميمڻ، عبدالعزيز ڪپري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪير به سنڌ ۽ سنڌ جي عوام خاطر آواز اٿاري ٿو ان کي جبري کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي، عرس جو ڏوھه صرف اھو ھو ته ھن ڪئنالن جي مخالفت ڪئي آهي ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي قافلي ۾ ايندڙن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ھئا ۽ گل نڇاور ڪيا ھئا، ٻي پاسي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين سيد نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته عرس ڪيهر پنهنجي دڪان تي ويٺو هو، جتان کيس سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار ۽ بٺورو پوليس کڻي وئي آهي، هي واقعو سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن خلاف جاري جبري گمشدگين جو تسلسل آهي، جنهن جي جيئي سنڌ محاذ سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، جيڪڏهن سياسي ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.