آءِ ايم ايف عالمي سيڙپڪاري رٿائن تي ٽيڪس ڇوٽ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) ايس آءِ ايف سي طرفان بين الاقوامي سيڙپڪاري رٿائن تي ٽيڪس ڇوٽ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف اختيارين جي ناڻي وزارت ۽ ايس آءِ ايف سي عملدارن سان ملاقات ٿي، جنهن دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايس آءِ ايف سي سيڙپڪاري لاءِ هڪ پليٽفارم مهيا ڪري رهيو آهي.
آءِ ايم ايف، عالمي سيڙپڪاري رٿائن تي ٽيڪس ڇوٽ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستاني اختيارين چاغي کان گوادر تائين ريلوي ٽريڪ واري منصوبي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ جو مطالبو ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ريڪوڊڪ مان نڪرندڙ معدنيات جي گوادر تائين ٽرانسپورٽ لاءِ ريلوي ٽريڪ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ نئين لائين تعمير ڪئي ويندي.
چاغي-گوادر ريلوي رٿا بابت ناڻي وزارت، ريلوي ۽ ايس آءِ ايف سي فزيبليٽي اسٽڊي تي ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سيڙپڪار ملڪن ان منصوبي ۾ سيڙپ لاءِ سرڪاري گارنٽي گهري آهي، پر قرض پروگرام جي تحت حڪومت هر سيڙپ تي رياستي گارنٽي نٿي ڏئي سگهي.
ذريعن موجب، ايس آءِ ايف سي اختيارين آءِ ايم ايف جي وفد کي سيڙپڪاري، گورننس ۽ اسٽريڪچر بابت بريفنگ ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.