آمريڪي صدر، نائب صدر ۽ مسڪ بابت ڇرڪائيندڙ اڳڪٿي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ ٽڪ ٽاڪ، انفلوئنسر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، نائب صدر ڊي جي وينس ايلون مسڪ جي گرفتاريءَ جي اڳڪٿي ڪري واهپيدارن کي ڇرڪائي ڇڏيو.
انفلوئنسر ڊريگن مين ان کان اڳ به ڊونلڊ ٽرمپ بابت هڪ اڳڪٿي ڪئي هئي، جيڪا غلط ثابت ٿي هئي.
ڊريگن مين ان کان اڳ به چيو هو ته صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪن اميدوار جي ڪاميابيءَ کان پوءِ ٽرمپ کي قسم کڻڻ کان اڳ ئي روڪيو ويندو، پر ائين نه ٿيو.
هن ڀيري هن بائبل جي هڪ آيت جو حوالو ڏيندي چيو ته ”غرور تباهيءَ کان اڳ ۽ تڪبر زوال کان اڳ ايندو آهي.“
سوشل ميڊيا تي سندس اڳڪٿي تي سخت ردعمل سامهون آيو، ڪجهه واهپيدارن کيس غير سنجيده قرار ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ڪن لکيو ته” هي همراهه اڳڪٿين ۾ ڪامياب نه رهيو آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.