ٽرمپ پاران ڳالهين جي آڇ، ايران جو ردعمل اچي ويو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ڪنهن به دٻاءُ يا ڌمڪي جي نتيجي ۾ آمريڪا سان ڳالهيون نه ڪنداسين.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران کي لکيل خط ۽ ڳالهين جي دعوت بابت خبرن تي ردعمل ڏيندي، عباس عراقچي واضح ڪيو ته ايران ڪنهن به موضوع تي دٻاءُ هيٺ ڳالهين لاءِ تيار نه آهي.
رپورٽ موجب، آچر تي گڏيل قومن ۾ ايراني مشن هڪ بيان ۾ چيو هو ته ايران پنهنجي جوهري پروگرام بابت آمريڪا جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي.
ٻئي پاسي هاڻي ايران جي پرڏيهي وزير ڪنهن به دٻاءُ هيٺ ڳالهين جي امڪان کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته آمريڪي صدر جي ڳالهين بابت خط کانپوءِ ايران جي سپريم ليڊر پڻ ردعمل ڏيندي چيو هو ته ڪجهه ملڪن جو رويو بدمعاشي وارو آهي، اهي مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ ڳالهين تي زور ڏين ٿا.
آيت الله خامنه اي چيو ته ايران اهڙن ملڪن جي مطالبن کي قبول نه ڪندو ۽ پنهنجو ميزائل پروگرام ختم ڪرڻ جي ڳالهه به نه مڃيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.