ڀارت: چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ تي مسجد ٻاهران چڙ ڏياريندڙ نعريبازي، جهيڙو، 13 ڄڻا گرفتار

ڀارتي رياست مڌيه پرديش ۾ چيمپئنز ٽرافي کٽڻ جي خوشي ۾ جامع مسجد ويجهو چڙ ڏياريندڙ نعريبازي ۽ آتشبازي سبب ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو .
پوليس موجب، جهيڙي دوران 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مڇريل ماڻهن 2 گاڏين ۽ هڪ دڪان کي باهه ڏئي ڇڏي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ 13 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ علائقي ۾ وڏي انگ ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته آچر تي دبئي ۾ ٿيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ ڀارت نيوزي لينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو ٽرافي کٽي ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.