ٺل ۾ ڌاڙيلن پاران استادياڻين کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

جيڪب آباد( رپورٽ: حضور بخش سومرو) ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سوڍو خان بنگلاڻي ڀرسان اين جي اوز جي TCF اسڪول جي  7، 8  کان وڌيڪ ماسترياڻيون وين تي  پنهنجي اسڪول ڏانهن اچي رهي هيون ته نصير شاخ وٽ اڻ ڄاتل هٿياربندن وين کي يرغمال بڻائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسڪول جي چوڪيدار سندن ڏوهارين سان مزاحمت ڪئي. ان دوران ماسترياڻين  ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. رڙين تي علائقي واسي هٿيارن سان ٻاهر نڪري آيا جن اسڪول جي عملي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. خبر پوڻ تي بي سيڪشن پوليس پهتي ته هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هوڏانهن ڊي ايس پي ٺل جي اڳواڻي ۾ تعلقي ٺل جي پوليس وڏي اٽالن سان واقعي واري هنڌ پهچي ڏوهارين جو پيڇو ڪيو. ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال جو چوڻ آھي ته اسان  8 کان وڌيڪ عورت استادياڻيون اسڪول وڃي رهيون  هيون سين ته نصير شاخ وٽ نامعلوم ڌاڙيلن گاڏي روڪي پر چوڪيدار ۽ ڳوٺاڻن بچايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.