اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) حڪومت مهانگائي ۾ گهٽتائي جي مسلسل دعويٰ ڪري رهي آهي، جڏهن ته ضروري شين جي قيمتن ۾ هر هفتي اضافو ٿي رهيو آهي، وفاقي شماريات بيورو پاران جاري ڪيل مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هفتي دوران مهانگائي ۾ 0.09 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي، سالياني شرح منفي 0.87 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 20 ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي، جڏهن ته 13 ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، انگن اکرن موجب ڪيلا 10 سيڪڙو، کنڊ 3.15 سيڪڙو ۽ انڊا 2.52 سيڪڙو مهانگا ٿيا، اهڙي طرح مکڻ، گوشت، گجر، ڪڻڪ، اٽو، چانور، ايل پي جي به مهانگي ٿي وئي، گذريل هفتي ڪپڙن ۽ سگريٽن جا اگهه به وڌي ويا.