سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ڊاڪٽر رقيه فرزانه سولنگي طرفان خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ ضابطن جي ابتڙ اسسٽنٽ پروفيسر جي مقرري ٿيڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي تي مشتمل آئيني بئنچ چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ صوبائي سيڪريٽري صحت کي نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته هڪ ڪميٽي جوڙي اميدوارن جي ڊگرين، تجربي وارن سرٽيفڪيٽس ۽ ٻين دستاويزن جي جاچ پڙتال کانپوءِ مڪمل تصديق ڪرڻ بعد قابليت ۽ اهليت تي پورو لهندڙ اميدوار جي ميرٽ تحت اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرري لاءِ چونڊ ڪئي وڃي، عدالت چيئرمين ايس پي ايس سي ۽ صوبائي سيڪريٽري صحت کي واضع هدايت ڪئي آهي ته اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي مقرري لاءِ جوڙيل قائدن ۽ ضابطن کي ڌيان ۾ رکندي اميدوار جو نالو فائنل ڪري هڪ مهيني تائين رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي آگاهه ڪيو وڃي، ياد رهي ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ سول اسپتال سکر جي ميڊيڪل آفيسر نثار عباس شر کي پڙهائڻ جو تجربو نه هئڻ باوجود ضابطن جي خلاف ورزي ڪندي سفارش تي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو، جنهن جي مقرري کي ڊاڪٽر رقيه فرزانه سولنگي چئلينج ڪيو هو.