مصطفيٰ ڪيس؛ ڪميٽي کي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سي آءِ اي ۽ ٻين جي بريفنگ

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جاچ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس کي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقصود حيدر ۽ ٻين قتل ڪيس ۽ منشيات فروشن بابت بريفنگ ڏني، ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ ٺوس ثبوتن ۽ ايڪشن پلان تي مشتمل مسودو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي,،قومي اسيمبلي جي گهرو بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جاچ ۽ هن وقت تائين پيش رفت بابت بريفنگ ڏني وئي، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مختلف رخن، پردي جي پسمنظر ۽ محرڪن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ ادارن کان سوالن جوابن سميت وڌيڪ گهربل تفصيل طلب ڪرڻ جي درخواست کي ورجايو، ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ ٺوس ثبوتن، جامع حڪمت عملي ۽ ايڪشن پلان تي مشتمل مسودو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.