بدامني خلاف پني عاقل ۾ وري به هزارين ماڻهن جو ڌرڻو، قومي شاهراهه بند

پنوعاقل (رپورٽ: ارشاد رستم انڍڙ) پني عاقل ۾ پوليس جي بدترين نااهلي سبب بدامني شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڏوهاري ڏينهن ڏٺي جو سرعام ڦرون ڪرڻ لڳا آهن، مزاحمت تي شهرين کي گوليون هڻي زخمي ڪري هليا وڃن ٿا شهر مان اغوا ٿيل 7 سالن جو نينگر عابد شاھ پٺاڻ بازياب نه ٿي سگهيو، ان حوالي سان شهرين پاران احتجاجي تحريڪ هلندڙ آهي جنهن جي تسلسل ۾ ڪالھه هڪ هزار کان وڌيڪ شهرين، وڪيلن، سياسي سماجي اڳواڻن، واپارين، سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ سکر، روهڙي، ٺڪراٺو ۽ ٻين شهرن جي پٺاڻ برادري جي سوين ماڻهن پني عاقل پهچي بينظير پارڪ کان هٿن ۾ ڪارا جهنڊا کڻي پوليس خلاف ريلي ڪڍي، جيڪا بوزدار چوڪ، سانول چوڪ، شاهي بازار، عيد گاھ چوڪ کان ٿيندي چونگها چوڪ تي پهتي جتي مظاهرين ڌرڻو هڻي قومي شاهراھه  بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب قومي شاهراھ تي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي احتجاجي ريلي ۾ وڪيل جمال ناصر بلو، بابر مصطفي’ بوزدار، وڪيل نعمت الله سمائر، سردار قربان ڪلوڙ، دادن خان پٺاڻ، اسحاق جسڪاڻي، گلشن ملڪ، ڪامريڊ مجيد جسڪاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پني عاقل جو امن هٿ سان تباھه ڪيو ويو آهي، شهر توڙي ٻهراڙي ۾ عوام جي جان ۽ مال محفوظ ناهي رهيو، ڦورو ڦر دوران مزاحمت تي ڀاڳين کي گوليون هنيون هليا وڃن ٿا ۽ شهر مان 7 سالن جو معصوم ٻار اغوا ٿي ويو آهي پر پوليس اگھور ننڊ ستل آهي جنهن ڪري شهر جو عوام هاڻي بيدار ٿي چڪو آهي، جيستائين معصوم عابد پٺاڻ بازياب نه ٿيندو تيستائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، ڌرڻي ۾ مغوي نينگر عابد پٺاڻ جي والد نورالدين پٺاڻ چيو ته پوليس ڪوڙا دلاسا ڏئي نٽائيندي رهي ٿي پر منهنجو پٽ بازياب نه ٿي ڪرائي ڏي.

جنهن ڪري منهنجي گهر ۾ ماتم جو ماحول آهي جيستائين منهنجو پٽ بازياب ٿي مون کي نه ملندو تيستائين احتجاج جاري رکندس، جنهن کان پوءِ ايس ايس پي سکر پني عاقل پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري معصوم ٻالڪ جي بازيابي لاءِ 2 ڏينهن جي مهلت وٺي قومي شاهراھ تان 5 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرايو جنهن کان پوءِ ٽريفڪ معمول موجب بحال ٿي وئي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.