حيدرآباد (رپورٽر) ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار بدلي ٿي ويو، عديل حسين چانڊيو حيدرآباد جو نئون ايس ايس پي مقرر ٿي ويو آهي، حيدرآباد جي وڪيلن ايس ايس پي جي بدلي کي سندن احتجاجي تحريڪ جي سوڀ قرار ڏيندي ايس پي چوڪ تي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي جشن ڪيو، گهرو کاتي پاران ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار کي بدلي ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سندس جاءِ تي عديل حسين چانڊيو حيدرآباد جو نئون ايس ايس پي مقرر ٿيو آهي، ياد رهي ته وڪيل ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جي بدلي لاءِ هڪ مهيني کان وٺي احتجاج ڪري رهيا هئا. ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار ۽ حيدرآباد جي وڪيلن وچ ۾ وڪيل علي رضا بوزدار جي ڪار روڪي وڪيل مٿان ڪار تي ڪارا شيشا ۽ فينسي نمبر پليٽ هڻڻ جو الزام هڻي ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي،جنهن کانپوءِ ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار جي موڪل تي وڃڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو، جنهن کانپوءِ وڪيلن احتجاج ختم ڪيو، پر وري ايس ايس پي حيدرآباد فرخ لنجار موڪل ختم ڪري واپس آيو ته وڪيل وري احتجاج ڪرڻ لڳا هئا، وڪيلن احتجاجي تحريڪ جاري رکندي ڪراچي ۾ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي کي بدلي ڪيو ويو، وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري عوامي آواز سان ڳالهائيندي ته اسان جو لانگ مارچ اڄ 8 مارچ تي هر صورت ۾ ٿيندو، لانگ مارچ رڳو هڪ سرڪاري عملدار جي بدلي جي لاءِ نه هو، اسان پنهنجي اعلان ۾ واضح ڪيو هو ته اسان سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، 26 هين آئيني ترميم ۽ ايس ايس پي حيدرآباد خلاف لانگ مارچ ڪنداسين، ايس ايس پي حيدرآباد ته بدلي ٿي ويو، پر اسان جا وڏا مسئلا ته موجود آهن. ان ڪري لانگ مارچ ڪنداسين.