شاگردن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي:انور بڙدي

ڄامشورو (ڊر) جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ انور بڙدي، فيصل وڳڻ، مير جان سنڌي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه تي غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ يونيورسٽيءَ جي پرامن شاگردن مٿان لٺيون، شيل هلائيندڙ پوليس جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو  آهي، جنهن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ بشير بروهي، فيصل وڳڻ، ميرجان سنڌي، ياسين آزاد سوڌو 37 ڄڻا شامل آهن، انور بڙدي، فيصل وڳڻ، ميرجان سنڌي ۽ ٻين جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان سائين جي ايم سيد جا فڪري پيروڪار آھيون اهڙين هٿ ٺوڪين ايف آئي آر ۽ پرچن کان نٿا ڊڄون. رياست جا ٽاچر سيل ۽ ڪوڙا ڪيس اسان کي جھڪائي نه ٿا سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.