حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن طرفان سنڌو درياهه مان ڪينالن ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي خلاف نڪتل پرامن ريلي مٿان پوليس جي لاٺي چارج, تشدد ۽ شاگردن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف ڪراچي ڄامشورو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي بار ايسوسيئيشن پاران مذمت ڪندي ايف آءِ آر واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ ۽ ڄامشورو ضلعي بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ واجد خاصخيلي،قمبر شهدادڪوٽ ضلعي بار جي صدر ايڊووڪيٽ شفيع محمد کوسو جاري ڪيل مذمتي ٺھراءُ ۾ چيو آھي ته ايف آءِ آر شاگردن جي آواز کي دٻائڻ، سندن جائز جمهوري احتجاج کي خاموش ڪرڻ ۽ حقن لاءِ آواز اٿاريندڙن کي ڏوهاري قرار ڏيڻ جي هڪ ظاهري ڪوشش آهي. اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته شاگردن کي ٻڌڻ بدران حڪومت ڊيڄارڻ ۽ قانوني طور هراسان ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. اسان سنڌ جي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺي، شاگردن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اختيارن جي غلط استعمال کي روڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو هن جبر جي سازش ۾ ملوث آهن، انهن کي ضرور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.