سانا پاران شاگردن تي تشدد جي مذمت

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ايسوسيئشن آف نارٿ آمريڪا سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن طرفان 4 مارچ ۽ چولستان ۾ ٺھندڙ  ڇھن ڪئنالن خلاف ڪڍيل ريلي مٿان تشدد جي مذمت ڪري ٿي ۽ حڪومت وقت کي ياد ڏياري ٿي ته 4 مارچ، 1967، انهيءَ ڏينهن، ٻه سؤ ست شاگردن کي جي.ايم. بئراج، ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ ون يونٽ جي خلاف احتجاج دوران گرفتار ڪيو ويو، انھن جي ٻاريل شمع جي جوت اڄ به سنڌ جي شاگردن ۽ نوجوانن ۾ روشن آھي ۽ سنڌ جي حقن تائين جاري رھندي. ون يونٽ خلاف سنڌي شاگردن جي جدوجھد تاريخ جو حصو آھي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي، سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا 4 مارچ 1967سنڌي شاگردن جي جدوجھد کي سلام  پيش ڪندي انھيءَ عزم جو اظھار ڪري ٿي ته سنڌي شاگردن جي جدوجھد کي جاري رکيو ويندو ۽ سنڌ جي وحدت ، حقن، ٻولي ۽ سنڌ جي پاڻي جي حفاظت لاءِ ھر فورم تي آواز اٿاريو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.