نوابشاهه ( ڊ ر) 4 مارچ شاگرد جدوجھد جي ڏھاڙي جي ڏينھن تي سنڌ ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي شاگردن پاران سنڌودريا مان ڪئنال ڪڊڻ واري عمل خلاف ڄامشورو باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪندڙ شاگردن تي پوليس جي لاٺي چارج انسوگيس تشدد ۽ گرفتارين ڪرڻ خلاف نوابشاھ لانڍي اسٽاپ تي جساف جي شاگردن ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو جتي اڳواڻن حنان عباسي وقار جمالي عامر عمراڻي ياسر بالادي ۽ٻين چيو ته ڄامشورو ۾ شاگردن جو پر امن احتجاج هيو .
آءِ ايم ايف سان فني معاملن تي ڳالهه ٻول ختم، ٽئڪس کوٽ بابت سوال جواب
اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهيون لڳ ڀڳ مڪمل ٿي ويون آهن، جنهن کانپوءِ پاليسي سطح تي ڳالهيون جاري آهن. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جو پهريون اجلاس ناڻي واري وزارت جي آفيسرن ۽ ٻيو ايف بي آر جي عملدارن سان مڪمل ٿي ويو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي سطح تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، جنهن ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ ناٿن پورٽر قيادت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ چيئرمين ايف بي آر به ڳالهين ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 7 ارب ڊالرن جي قرض جي پروگرام لاءِ پاليسي ڳالهيون جاري آهن، جيڪو 2 هفتن تائين جاري رهندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي جولاءِ کان ڊسمبر 2024ع جي ٽيڪس هدفن ۽ ٽيڪس شارٽ فال تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته آءِ ايم ايف اختيارين سان ٽيڪس روينيو کي پورو ڪرڻ لاءِ قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايف بي آر عملدارن آءِ ايم ايف جي وفد کي ٻڌايو ته ايف بي آر ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي ۽ ايف بي آر جو پاليسي ونگ الڳ ڪيو ويو آهي، ايف بي آر تبديلي جي منصوبي تي عمل ڪري رهيو آهي.
حڪومت نيب ترميمي بل واپس وٺي ڇڏيو، رمانڊ 14 ڏينهن جو ئي رهندو
اسلام آباد(م ڊ) حڪومت نيب ترميمي بل 2024 واپس وٺي ڇڏيو، جنهن تحت جوابدارن جو رمانڊ 14 ڏينهن مان وڌائي 40 ڏينهن ڪيو ويو هو، قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ بل واپس وٺڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته بل واپس وٺڻ کانپوءِ جوابدار کي 14 ڏينهن جي لاءِ حراست ۾ رکيو ويندو، عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران 13 منصوبا تجويز ڪيا ويا آهن، پاڪستان ۾ 13 وڏن جيلن کي عدالتن سان ڳنڍيو پيو وڃي، سيڪريٽري قانون چيو ته اسلام آباد جي سمورين عدالتن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ بينڪنگ ڪورٽن کي ان سسٽم سان ڳنڍيو ويو آهي، ڪميٽي جي ميمبر چنگيز خان چيو ته خاص عدالتون رڳو ڪجهه ماڻهن جي سهولت لاءِ ٺاهيون ويون آهن، اسان جي بينڪنگ ڪورٽ هڪ اوڀر پاسي آهي ته ۽ ٻي اولهه پاسي آهي.
اسلام آباد ۾ تازو ئي تعمير ڪيل پل هڪ ئي برسات ۾ ويهجي وئي
اسلام آباد (بيورو+م ڊ) تازو ئي رڪارڊ وقت ۾ تعمير ٿيندڙ اسلام آباد جي رجب طيب اردگان انٽرچينج جو پل هڪ ئي برسات ۾ ويهجي وئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته روڊ تي هڪ وڏو سوراخ آهي جنهن کي ڀريو پيو وڃي،وڊيو وائرل ٿيڻ تي صارفين حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي، هڪ صارف لکيو ته ائين ئي هن ملڪ کي لٽيو پيو وڃي، خاور اظهر طنزيه انداز ۾ لکيو ته ڀاءُ جيڪڏهن ڪم هن معيار جو هو ته نالو ڪنهن پاڪستاني جو ئي رکي ڇڏيو ها،ائين پنهنجي عظيم دوست جي بي عزتي ڇو ڪئي، جيڪڏهن اهو ئي ڪم جو معيار هو ته ڪنهن پاڪستاني جو ئي نالو رکي ڇڏيو ها، هڪ ايڪس صارف لکيو ته تعميراتي ڪمن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي ، اميد آهي ته مستقبل ۾ احتياط ڪيو ويندو.