اسلام آباد( بيورو/ع آنيوز) سينيٽ جي سامونڊي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته هن حڪومت ۾ 50، 60 ارب چوري ٿي ويا، اسان سڀني گڏجي ملڪ جو 60 ارب رپيا بچايو آهي. اجلاس ۾ چيئرمين فيصل واوڊا ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيو ته اسان وٽ ٽي آپشن آهن، هٿيار ڦٽا ڪريون، ڪرپشن قبول ڪريون يا وڙهون. اسلام آباد ۾ سينيٽر فيصل واوڊا جي صدارت هيٺ سامونڊي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي وقتي چيئرمين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينيٽر دنيش ڪمار گوادر ۽ ڪراچي پورٽ تي مستقل چيئرمين جي مقرري نه ڪرڻ تي سوال اٿاريو ۽ چيو ته جيڪڏهن نگران چيئرمين کي معاملو هلائڻو آهي ته مستقل چيئرمين جي عهدي کي ختم ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ سينيٽر فيصل واوڊا جي صدارت هيٺ سامونڊي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي وقتي چيئرمين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سينيٽر دنيش ڪمار گوادر ۽ ڪراچي پورٽ تي مستقل چيئرمين جي مقرري نه ڪرڻ تي سوال اٿاريو ۽ چيو ته جيڪڏهن نگران چيئرمين کي معاملو هلائڻو آهي ته مستقل چيئرمين جي عهدي کي ختم ڪيو وڃي. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته اسان وٽ ٽي آپشن آهن، يا ته هٿيار ڦٽا ڪريون يا ڪرپشن قبول ڪريون يا وڙهون. اسان گڏجي پاڪستان جا 60 ارب روپيا بچايا آهن پر هن حڪومت جي دور ۾ 50 کان 60 ارب روپين جي چوري حتمي ٿي وئي. هن چيو ته 500 ايڪڙ زمين جو معاهدو 9 جولاءِ 2024 تي ٿيو هو، جنهن ۾ 365 ايڪڙ زمين جي قيمت وصول ڪري 500 ايڪڙ زمين ڏني پئي وڃي، 60 ارب جي زمين تي رڳو 2 سيڪڙو ايڊوانس ورتو پيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان 50 ارب جي چوري جو نوٽيس نه وٺي ها ته توهان 72 ڪلاڪن ۾ ان کي منسوخ نه ڪري ها، جيڪڏهن ڪم ٺيڪ هو ته توهان 72 ڪلاڪن ۾ ڇو رد ڪيو، اسان سڀني گڏجي پاڪستان جا 60 ارب بچايا. اڳوڻي وزير جو چوڻ هو ته پورٽ قاسم ترديدون جاري ڪيون، پورٽ قاسم ترديدون اخبارن ۾ لڪايون، اخبارن ۾ ڪهاڻيون لکي قوم کي گمراهه ڪيو ويو، جنهن به اهڙو ڪم ڪيو ان ڪميٽي کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. چيئرمين ڪميٽي چيو ته اها بورڊ جي پيءُ جي زمين آهي، جنهن 60 ارب جي زمين 10 لکن ۾ ڏني، اهو به فوجي بورڊ، ڊڪٽيٽر يا چيف جسٽس نٿو ڪري سگهي. سينيٽر واوڊا چيو ته بورڊ چوي ٿو ته هن ريفائنري جي انڪوائري جي ضرورت ناهي، بورڊ چوي ٿو ته اها جاءِ به تبديل ڪئي وڃي، ريفائنري جو ڊيٽا ڇو نه آندو ويو، 2018ع کان 2024ع تائين جي آبادڪاري جو رڪارڊ پڇيو ويو.
پورٽ قاسم جي 14 هزار ايڪڙ زمين مان رڳو 35 ايڪڙ بچي آهي:فيصل واوڊا
اسلام آباد(م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته ميري ٽائم شپنگ وزارت ۾ ڪرپشن تي وزير سميت پوري حڪومت ذميوار آهي،رڳو پورٽ قاسم اٿارٽي نه پر پوري وزارت ۾ غيرقانوني ڀرتيون ٿي رهيون آهن،مجرماڻي غفلت جو ذميوار قيصر شيخ به آهي،هن چيو ته پورٽ قاسم جي ڪروڙن جي زمين 8 کان 10 لک رپيا ايڪڙ ۾ ڏني وئي،2018 کان پهرين 14 هزار ايڪڙ هئي جنهن مان رڳو 35 ايڪڙ زمين بچي آهي،جيڪي دستاويز پنجن سالن ۾ نيب،ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن نه جمع ڪرائي سگهي مان جمع ڪرائي چڪو آهيان،هن چيو ته ڪي پي ٽي ۾ اربين کربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي،مون وٽ ڪرپشن جا ثبوت آهن،ڪارروائي ان ڪري نٿي ٿئي ڇو ته پورو سسٽم ان جو بينيفشري آهي،هن چيو ته ايم ڪيو ايم به ان ڪرپشن ۾ ملوث آهي،مان ن ليگي اڳواڻن وانگر ناهيان جو چوان ته دنيا ته ڇا پاڪستان ۾ به پراپرٽي ناهي،منهنجون ته ملڪ اندر ۽ ٻاهر جائيدادون آهن،مان اهو شخص ناهيان جو اخبارن ۾ 60-60 صفحن جا اشتهار ڇاپي پنهنجي تشهير ڪرايان،پاڪستان ۾ ڪرپشن ڪڏهن گهٽ ٿي،پورو فائل وزيراعظم آڏو رکندس،قائداعظم ۽ جمهوريت جي نالي تي ڪجهه خاندانن ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي،جمهوري جنازن جو شوق پورو ڪري وٺو،
فيصل واوڊا 60 ارب رپيا بچائي ورتا:قيصر شيخ
اسلام آباد(م ڊ)پورٽ شپنگ جي وفاقي وزير قيصر شيخ چيو آهي ته پورٽ قاسم ،ڪي پي ٽي ۾ ڪرپشن ۾ جيڪو به ملوث هوندو ڪارروائي ٿيندي،500 ايڪڙ زمين ليز تي ڏيڻ وارو معاملو واپس ورتو ويو آهي،بورڊ بااختيار آهن،20 سال پراڻو معاملو آهي،فيصل واوڊا اهو معاملو اٿاريو جنهن بعد زمين واپس ڪئي وئي،هن چيو ته مان اسٽينڊنگ ڪميٽي واري اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيس،ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪرپشن اسان جي ملڪ ۾ هر جاءِ تي آهي،ڪنهن وزير جو اسڪينڊل هن سال ۾ ناهي آيو