ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن رٽائرمينٽ ۽ ٻيون رھتون نه ملڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار،سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پاڪستان اسٽيل مل، صنعت ۽ پيدوار واري وزارت ۽ ناڻي کاتي کان فنڊز جي فراهمي بابت رپورٽس طلب ڪري ورتي، عدالت حڪم جاري ڪندي چيو ته ملازمن جي آئوٽ اسٽنڊنگ رهتون ۽ انهن جي فراهمي واري رپورٽس 13 مارچ تي عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته درخواستگذارن جون رهتون ڪٿي استعمال ٿي رهيون آهن؟، اهو هڪ اهم معاملو آهي، ملازمن جون رهتون نه ملڻ مهذب ملڪن ۾ ڌاڙو سمجهيو ويندو آهي، ملازمن الزام مڙهيندي چيو ته حڪومت پاران فنڊز جاري ڪيا ويندا آهن پر اسٽيل مل انتظاميا اهي فنڊ ڪنهن ٻئي هنڌ استعمال ڪندي آهي، عدالت چيو ته جيڪڏهن اهو الزام ثابت ٿي ويو ته ذميدار جيل وڃي سگهن ٿا، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته اسٽيل مل انتظاميا کي ڪنهن به غلط بيانيئي جا قانوني نتيجا ڀوڳڻا پوندا، وڪيل حسيب جمالي چيو ته رٽائرمينٽ بعد درخواستگذارن کي ڪيترن ئي سالن کان گريجيوئٽي، پراويڊنٽ فنڊ سميت ٻيون رهتون نه پيون ڏنيون وڃن.