20 ارب رپين جو رمضان پيڪيج جاري، ٻه ڪروڙ ماڻهو لاڀ حاصل ڪندا: وزيراعظم

اسلام آباد ) ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف 20 ارب رپين جو رمضان رليف پيڪيج 2025 جاري ڪري ڇڏيو .
رمضان رليف پيڪيج جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هن پيڪيج مان 40 لک خاندانن ۽ 2 ڪروڙ ماڻهن کي فائدو پهچندو.
سندس چوڻ هوته 40 لک مستحق خاندانن کي ڊجيٽل والٽ ذريعي 5 هزار رپيا ڏنا ويندا.
هن ٻڌايو ته گذريل رمضان جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي.
وزيراعظم موجب، گذريل سال 7 ارب رپين جو رمضان پيڪيج هو، جيڪو هن ڀيري ٽيڻ تي وڌايو ويو آهي، هن ڀيري پيڪيج کي بلڪل آسان بڻايو ويو آهي، جنهن سبب ماڻهن ڊگهين قطارن ۾ نه بيهڻو پوندو.
ان موقعي تي وفاقي وزير رانا تنوير حسين ٻڌايو ته رمضان پيڪيج کي 20 ڏينهن اندر حتمي شڪل ڏني وئي. اسٽيٽ بينڪ، نادرا، بي آءِ ايس پي ۽ ٻين ادارن گڏجي ناممڪن کي ممڪن بڻايو. پهريون ڀيرو 30 لک ڊجيٽل والٽس ٺاهيا ويا آهن، جن ذريعي رقم سڌي ريت مستحقن تائين پهچندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.