لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ خراب ڪارڪردگي کان پوءِ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، نيوزيلينڊ دوري لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي لاهور طلب ڪيو ويو آهي، جتي سندن ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن سان ملاقات جو امڪان آهي.
قومي ٽيم 12 مارچ تي نيوزيلينڊ رواني ٿيندي، جتي پهرئين مرحلي ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 16 مارچ کان شروع ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع جي تياري لاءِ نوجوان ڪرڪيٽرن تي ڀاڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
You might also like