پشاور (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ جاري آهي.
ذريعن موجب، آپگهاتي حملو ڪندڙ جا عضوا سڃاڻپ لاءِ نادرا ڏانهن موڪليا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ٽيمون مختلف هنڌن تان سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪري ورتيون آهن،
ذريعن موجب، مولانا حامدالحق جڏهن مسجد مان گهر وڃڻ لاءِ نڪتو ته ڏاڪڻن جي ويجهو حملو ڪندڙ ساڻس مليو، جاچ ٽيمون اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ته آپگهاتي بمبار ڏاڪڻن تائين ڪيئن پهتو.
ان ڏس ۾ آءِ جي ڪي پي ذوالفقار حميد ٻڌايو ته دارالعلوم حقانيه ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ ٽن رخن کان جاري آهي ۽ سي ٽي ڊي سميت مختلف ادارا تيزي سان جاچ ڪري رهيا آهن.
آءِ جي جو چوڻ هو ته خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي ۽ حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪري سزا ڏني ويندي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن نوشهرا جي دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ جمعي نماز کانپوءِ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ جي يو آءِ (س) جي سربراهه مولانا حامدالحق سميت 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.
حقانيه مدرسي ۾ ڌماڪو، آپگهاتي بمبار مولانا حامد سان مليو، وڊيو سامهون اچي وئي
You might also like