ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر سستو ، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) ملڪي ايل پي جي سلينڊر  جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گهريلو ايل پي جي سلينڊر جي قيمت ۾ 72 رپيا 57 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، اوگرا موجب ايل پي جي جي نئين قيمت پهرين مارچ کان لاڳو ٿيندي، نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلوگرام ايل پي جي سلينڊر جي نئين قيمت 2 هزار 924 رپيا 31 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي،نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي في ڪلو اگهه ۾ 6 رپيا 15 پئسا گهٽتائي کانپوءِ قيمت 247 رپيا 82 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.