شڪارپور پوليس 4 مغوي بازياب ڪرڻ ۾ ناڪام، سوين ڳوٺاڻن جو احتجاج

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) شڪارپور پوليس چڪ لڳ ڳوٺ عيسيٰ  ٽانوري واسي اغوا ٿيل چئن ڄڻن عبدالوحيد ٽانوري، عرفان علي ٽانوري، عبدالقادر ٽانوري ۽ راحب علي ٽانوري کي بازياب نه ڪرائي سگهي، ڌاڙيلن پاران مغوين کي تشدد جو نشانو بڻائي وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، جنهن خلاف ڳوٺاڻن محمد ادريس ٽانوري غلام مصطفيٰ ٽانوري، عاشق علي ٽانوري، منظور ٽانوري، ڪائونسلر عبدالوحيد ٽانوري سميت سوين ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ، ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ سميت وس وارن کان گھر ڪئي آهي ته مغوين کي فوري بازياب ڪرايو وڃي، ٻئي طرف ڌاڙيلن پاران مغوين مٿان تشدد ڪري وڊيو وائرل ڪرڻ سبب سندن گهرن ۾ غم غصي واري لهر ڇانئجي وئي آهي، جڏهن ته پ پ ايم پي اي محمد عارف خان مھر ڳوٺ عيسيٰ  ٽانوري پهچي وارثن سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا ويا، جنهن دوران مغوين جي وارثن پاران چونڊيل ايم پي اي محمد عارف خان مھر اڳيان دانهون ڪيون ته اسان انتهائي مسڪين ماڻهو آهيون، مدد ڪري اسان جي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي. ٻئي طرف ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جو چوڻ آهي ته ڏوهاري پوليس آپريشن روڪڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.