حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد سڪرنڊ مان کنڀي گم ڪيل وڪيل عامر علي عمراڻي کي اڄ خميس عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڪيل عامر عمراڻي جي زال پنهنجي وڪيل عرفان خاصخيلي معرفت عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي. پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عامر عمراڻي وڪيل آهي ۽ هو سماجي ڪارڪن طور به ڪم ڪري ٿو سندس سماجي سرگرمين ۽ انساني حقن لاص جاکوڙڻ تي بااثر ماڻهو هن جا سخت مخالف آهن. عامر علي عمراڻي کي 21 فيبروري تي سندس گهران کنڀي گم ڪيو ويو ۽ هن مهل تائين ڪا به خبر ڪانهي ته کيس ڪٿي رکيو ويو آهي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته باندي بڻايل عامر علي عمراڻي کي پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڌر بڻايل ادارن جا لاڳاپيل آفيسر ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائين، عدالت ڌرين کي نوٽيس به جاري ڪيا آهن.