ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي منظور ڪالوني ۾ گهر کي باهه لڳڻ جو واقعو گهر جي مالڪ پاران خودڪشي ڪرڻ جي سبب پيش آيو، پوليس موجب گهر جي مالڪ پاڻ کي باهه ڏني جنهن سبب گهر کي به نقصان پهتو، ايس ايڇ او بلوچ ڪالوني مظهر ڪانگو موجب منظور ڪالوني ۾ عيد گاهه چوڪ تي گهر کي باهه لڳڻ سبب 67 ورهين جو ظفر لئيق سڙي فوت ٿي ويو هو، جڏهن ته 17 ورهين جو اعظم زخمي ٿي پيو، پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ظفر لئيق گهريلو حالتن کان تنگ اچي پاڻ کي ڪيميڪل پاڻ مٿان هاري باهه ڏئي ڇڏي ۽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته باهه لڳڻ دوران سندس پٽ اعظم زخمي ٿي پيو،پوليس جو چوڻ آهي ته گهرڀاتين بيان ڏنو آهي ته ظفر لائيق ننڍي پئماني تي گهر هلائيندو هو پر ڪيترن ئي مهينن کان مالي حالتون خراب هيون، جنهن سبب هن گذريل 10 مهينن کان گهر جو ڪرايو به ادا نه ڪيو هو، جنهن بعد بجلي جو بل 1 لک 75 هزار رپيا اچي ويو.