شهدادڪوٽ(رپورٽ:ثمر ڀٽي)پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مير نادر مگسي چيو آهي ته پنهنجا سر ڪپائينداسين پر سنڌ جو پاڻي ڪنهن کي به نه ڏينداسين، ان لاءِ سنڌي ۽ بلوچ سڀ گڏ بيهن، هن چيو جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو فيڊريشن جي خلاف آهي، پهريون مسئلو بلوچستان ۽ فرنٽيئر وارن جو هو هاڻي سنڌ کي به ان ۾ اٽڪايو ويو آهي، جيڪڏھن توھان کي زمينون آباد ڪرڻيون آهن ته پوءِ ٻي هنڌان پاڻي آڻي ان کي آباد ڪيو، اسان کي اعتراض نه آهي باقي هڪڙي جو پيٽ چيري ٻي جو ڀريو اهو نه اسلام ٿو اجازت ڏي نه وري قانون، شھدادڪوٽ ۾ پيپلز پارٽي سٽي صدر مرحوم اصغر شيخ جي پھرين ورسي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي سنڌ اسيمبلي ۾ به آواز اٿاريندس جيڪو سڄي سنڌ ٻڌندي، هڪ سوال جي جواب ۾ مير نادر مگسي چيو ته ڪتي واري قبر جي دعويٰ ڪرڻ وارو مسئلو نه سنڌ جو آهي ۽ نه وري بلوچستان جو آهي اهو مسئلو زمين جو آهي جنھن جي دعوي اتان جا رهندڙ ماڻهو ڪري رهيا آهن، باقي بلوچستان به ملڪ جو حصو آهي جيڪڏهن ان جو حق لڳي ٿو ته ڏينداسين نه ته سنڌ جو هڪ انچ به ڪنهن کي نه ڏينداسين.