پ پ جي وزيرن ۽ مشيرن جو گهيراءُ ڪيو وڃي:صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ لياقت علي جهتيال جي تعزيت تي سندس رهائش  گاھ تي پهچي ويو، سندس پٽن آصف علي جهتيال،ايڊووڪيٽ عارف علي جهتيال، انجنيئر طارق علي جهتيال، جيئي سنڌ پورهيت سنگت جي سيئنر اڳواڻ فيروز علي جهتيال،جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، دادو پريس ڪلب جنرل سيڪريٽري غوث علي جهتيال سان تعزيت ڪئي ،هن چيو ته لياقت جهتيال گلشن حديد جي مقامي مسئلن کان ويندي سنڌ جي قومي مسئلن تي اڪيلي سر ئي آواز بلند ڪندو هو، اهڙن ماڻهن جو وڇوڙو سنڌ جو نقصان آهي، هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي سرڪار سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ 6 ڪينالن واري مسئلي تي وفاق ۽ پنجاب سان ٻٽ بڻيل آهي، پيپلزپارٽي جي وزيرن ۽ مشيرن جو گهيراءُ ڪيو وڃي،ان موقعي تي ڏاڏو اطهر سومرو، ايڊووڪيٽ سجاد راڄپر، شبير شر گڏ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.