موري ۾ گرفتار ٿيل 83 قومي ڪارڪن عدالت ۾ پيش

نوشهرو فيروز(عتيق الرحمان وسطڙو)مورو ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ تي قومپرست تنظيم جي سڏ تي گذريل ڏينهن مورو  بائي پاس روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو  پوليس ڪارڪنن تي لٺبازي ڪندي فائرنگ ڪرڻ بعد ڪارڪنن کي گرفتار ڪري رات دير سان  گرفتار 83 قومي ڪارڪنن تي دهشتگردي 6/7 اي ٽي اي ڊيوٽي اٽڪاءُ سميت مختلف قلم ھڻي سرڪار  مديت ۾ مورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جنهن ۾ علي راز شر، جاويد علي شر، محمد سليم شر، علي محمد شر، عبدالڪريم شر، عبدالخالق شر، طارق حسين شر، ابوبڪر شر، شاھد حسين شر، علي جان شر، محرم ماڇي، حسنين علي ڏيرو، عبدالله شر، علي حسن شر، سڌير مڱڻھار ۽ ٻيا شامل آھن انهن جوابدارن کي پوليس نوشهرو فيروز جي دهشتگري ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت سڳوري کان جوابدارن جي رمانڊ جي استدعا ڪئي عدالت استدعا رد ڪندي ڪارڪنن کي هڪ ڏينهن لاءِ جيل حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جيئي سنڌ تحريڪ جي صدر سورهيه سنڌي،سنڌي ابي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوشھرو فيروز پوليس پرامن قومي ڪارڪنن تي تشدد ڪري ڪيس داخل ڪيو آھي اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪارڪنن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.